اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قلم 144 جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب اسلام آباد ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪنهن به قسم جي سياسي يا مذهبي گڏجاڻي جي اجازت نه هوندي.
اسلام آباد ۾ 144 قلم جي پابندي فوري طور لاڳو ٿيندي.
واضح رهي ته قلم 144 اهڙي وقت ۾ لڳايو ويو آهي، جڏهن پي ٽي آءِ پاران 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي.