بيجنگ (م ڊ) چين پاڪستان ۾ پنهنجي شهرين جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجا اهلڪار مقرر ڪرڻ تي اصرار ڪري ورتو، بيجنگ گذريل مهيني ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيندڙ حملي کي سڪيورٽي ڪوتاهي قرار ڏنو هو. پرڏيهي خابرو اداري جي دعويٰ موجب پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل سڪيورٽي مينيجمينٽ سسٽم قائم ڪندا. پاڪستان طرفان اڃا تائين ان حوالي سان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو