اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ اسلام آباد جي چائنه چوڪ، جناح ايونيو ۽ ٻين هنڌن تي چڪريون جاري آهن، ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي گرفتار ڪرڻ جا به اطلاع آهن پر سرڪاري ذريعن انهي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڊي چوڪ تي احتجاج جي لاءِ قافلن جي صورت ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن اسلام آباد پهچڻ جي لاءِ ڪوشان آهن جنهن جي لاءِ انهن جي ۽ پوليس وچ ۾ ٽڪراءُ جاري آهي. ٽيڪسلا خليل جي هنڌ تي پوليس طرفان شيلنگ ڪئي وئي. مظاهرين طرفان پوليس تي جوابي پٿراءُ ۽ شيل کڻي واپس اڇلڻ جو سلسلو ڪافي دير جاري رهيو. سخت مزاحمت کان پوءِ پي ٽي آءِ مظاهرين پتهر ڳڙهه، ڪٽي پهاڙي جي هنڌ تي رنڊڪن کي ڪراس ڪيو.