اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان بيرسٽر علي ظفر دليل ڏنا پر انهي کان پوءِ هن بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض اٿاريندي ٻڌڻي جو حصو بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چيف جسٽس پاڪستان نظرثاني اپيل جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ڪيس تي جسٽس مظهر عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو جڏهن ته بينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميواري جو احشاس هو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ ۾ فرق آهي ڇا آئين ۾ ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ هجڻ جو فرق لکيل آهي؟ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آرٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪراري آهي هڪ طرف چيو ويو آهي ته ووٽ بنيادي حق آهي، گڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گهري انهي تي راءِ جي پابندي لازمي آهي. چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو صدر راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا انهي جي خلاف ڪاررائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت ملڪ جي صدر خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ ناراض ميمبر بابت تحريڪ انصاف جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو جنهن تي چيف جسٽس ان کي چيو ته اوهان نالو غلط ورتو، شايد اوهان کي انهي کان عوام آڏو معافي گهرڻي پئجي وڃي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته گلالئي پشتو جو لفظ آهي جنهن جو مطلب به ڏسي وٺو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججز جو فيصلو پهريان جاري ٿيو، سپريم ڪورٽ آٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.