حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سول اسپتال حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽنٽ ستار جتوئي جي مقرري وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي جسٽس ذوالفقار سانگي تي ٻڌل هڪ رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سول اسپتال حيدرآباد جي ايڊمن ۽ اڪائونٽنٽ ستار جتوئي جي مقرري کي شهري جان محمد لاکو چئلينج ڪيو هو. درخواستگذار جان محمد لاکو جو چوڻ هو ته ستار جتوئي اسپتال جي اڪائونٽ مان 350 ملين ڪڍيا. جڏهن ته وڪيل رياضت ساهڙ جو چوڻ هو ته ستار جتوئي خلاف نيب ۾ به انڪوائري هلي رهي آهي. ستار جتوئي کي غير قانوني 20 هين گريڊ ۾ پرموشن ڏيئي ٻيهر عهدي تي رکيو ويو آهي. انهي دوران عدالت سڳوري جو چوڻ هو ته جنهن ماڻهو تي ڪرپشن جو ڪيس هلي رهيو آهي انهي کي سنڌ حڪومت ڪيئن مقرر ڪيو آهي. درخواستگذار موجب ستار جتوئي 2016 کان 2023 تائين سول اسپتال حيدرآباد جو ايڊمن ۽ اڪائونٽنٽ رهيو جنهن کي سکر هاءِ ڪورٽ هٽايو هيو. ستار جتوئي کي سروس ٽربيونل به واپس موڪلي ڇڏيو هو کيس ٻيهر ترقي ڏيئي مقرر ڪيو ويو آهي. 350 ملين تمام وڏي رقم آهي، عوام خاطر عدالت جو در کڙڪايو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽنٽ سول اسپتال حيدرآباد لمس جي مقرري وارو آرڊر معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.