My WordPress Blog

”زندگي سڀ کان وڏي اُستاد آهي“، حرا ماني جو زندگيءَ ۾ تبديلي بابت وڏو انڪشاف

0

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊيسٽري جي مشهور اداڪارا حرا ماني پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي بابت انڪشاف ڪيو آهي. اداڪارا حرا ماني ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن مختلف موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي. هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته زندگي کيس پنهنجي مرضيءَ موجب انتهائي سڪون سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن زندگي جي خواهش هئي اِها ملي. سندس چوڻ هوته خواهش هئي ته زندگي ۾ صبر رهي، ٻين کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجي باري ۾ گهٽ سوچڻ چاهيان پئي. هن چيو ته زندگي اوهان کي سڀ ڪجهه سيکاريندي آهي، زندگي سڀ کان وڏي اُستاد آهي، جيڪو زندگي سيکاريندي آهي اِهو ڪو ناهي سيکاريندو. محبت بابت سندس چوڻ هو ته سچي محبت فلمي ڳالهيون آهن، پيار هڪ سٺي شئي آهي پر حقيقت پيار نه آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.