حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني چانورن جي ايڪسپورٽ متاثر ٿيڻ سبب سنڌ ۾ سارين جي اگھ ۾ وڏي پيماني تي گھٽتائي ٿي وئي آھي، جڏھن ته آبادگار اڳواڻن عالمي معيارن موجب سارين جي پوک لاءِ ايڪسپورٽرن کان خريداريءَ بابت ضمانت گھري ورتي آھي. سارين جي اگھ ۾ وڏي پيماني جي لاٿ سنڌ جي آبادگارن کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو آھي. اگھ ۾ گھٽتائي جو ھڪ ڪارڻ پاڪستاني چانورن جي ھڪ کيپ غيرمعياري قرار ڏئي يورپين يونين مان واپس موڪلڻ ۽ ايڪسپورٽ متاثر ٿيڻ به ڄاڻايو ويو آھي. سارين جي ان معاملي بابت سنڌ جي زراعت کاتي جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙي جي صدارت ۾ آبادگار تنظيمن ۽ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي ادارن جي وڊيو لنڪ تي ھڪ گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سارين جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو سينيئر نائب صدر سيد نديم شاھ، زراعت کاتي ، ٽي سي پي ۽ ٽداپ جا لاڳاپيل آفيسر ۽ ايڪسپورٽرن جي تنظيم جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو تھ چانورن جي معيار ۾ گھٽتائي سبب يورپين يونين مان چانورن جي کيپ واپس آئي آھي جنھن ڪري ايڪسپورٽ متاثر ٿيڻ سان گڏ مقامي طور تي سارين جي اگھ ۾ به گھٽتائي ٿي وئي آھي. گڏجاڻي ۾ سارين جي گھم وارو معاملو پڻ اٿاريو ويو. گڏجاڻي ۾ سنڌآبادگار بورڊ ۽ ٻين تنطيمن تجويز ڏني ته عالمي معيار موجب سارين جي پيداوار جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ۽ ايڪسپورٽرن جي تنظيم آبادگارن سان سھڪار ڪري انھن سان معاھدا طئي ڪري پنھنجي گھرج موجب سارين جي پوک ڪرائين، سارين لاءِ گھربل دوائون پڻ اھي پاڻ تجويز ڪن ۽ ان لاءِ آبادگارن کي پريميئم ڏيڻ سان گڏ انھن کان سارين جي خريداريءَ جي ضمانت پڻ ڏني وڃي. گڏجاڻي ۾ ان تي اتفاق ڪيو ويو ته آبادگارن جي ان تجويز تي عمل جي سلسلي ۾ جلد ئي ھڪ گڏجاڻي ڪري ان ۾ ايندڙ سال جي پوک لاءِ معاملا طئي ڪيا ويندا. گڏجاڻي ۾ آبادگار اڳواڻن تجويز ڏني ته سارين جي ايڪسپورٽرن جي تنظيم سارين جي ايڪسپورٽ واري آمدني مان ھڪ سيڪڙو سنڌ جي تحقيقي اداري کي ڏي ته جيئن اھي تحقيق ڪري سارين جون نيون جنسون تيار ڪري سگھن .گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سارين جي معاملي تي جلد ئي لاڙ ۽ اتر سنڌ جي آبادگارن سان گڏجاڻيون پڻ ڪيون وينديون.