My WordPress Blog

موسيٰ خيل ۾ گيس ڪمپني جي ڪيمپ تي فائرنگ، 20 کان وڌيڪ پورهيت اغوا

0

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 20 کان وڌيڪ پورهيتن کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. پوليس موجب موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن قومي شاهراهه تي گيس ڪمپني جي ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي ۽ ان کان پوءِ 20 کان وڌيڪ پورهيتن کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. پوليس اختيارين موجب واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهيا آهيون، ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي علائقي خدا آباد ۾ گهر تي فائرنگ سبب 7 مزدور فوت ٿي ويا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت قومي شاهراهه تي تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ تي ڪم ڪري رهيا هئا ته هٿياربندن پهريان ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ پورهيتن کي اغوا ڪري کڻي ويا. هٿياربندن تعميراتي ڪمپني جي استعمال هيٺ 8 بلڊوزرن کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس موجب علائقي کي گهيري ۾ وٺي پورهيتن جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.