زيادتي جي ڪيسز ۾ ملوث ماڻهن کي وڏا عهدا ڇڏيندو ته باقي ڇا رهجي وڃي ٿو؟ واوڊا جا گنڊاپور تي سنگين الزام
اسلام آباد: (ويب ڊييسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجوده سينيٽر فيصل واوڊا خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته جنهن ماڻهو تي زيادتي جا ڪيس داخل هجن انهن کي ايترا وڏا عهدا ڇڏيندو ته باقي ڇا رهجي وڃي ٿو فيصل واوڊا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي جنهن ۾ کيس صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ وفاقي وزير کي اهو چئي ٻڌي سگهجي ٿو ته جيڪي پنهنجي اولاد کي قبول نٿا ڪري سگهن ته پيءُ کي ڪيئن قبول ڪندا. هن چيو ته علي امين گنڊاپور پهريان چوندو هو ته ڪنهن جو پيءُ بند نٿو ڪري سگهي، بند ڪري ڏيکاريو، پوءِ چوندو هو ته ڪنهن جو پيءُ جيل ۾ نه وجهندو اهو به ڪري ڏيکاريو، پوءِ چيو ڪنهن جو پيءُ ٽرائل نٿو ڪري سگهي، اها به ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. هن چيو ته اوهان ذاتيات تي نه اچو، ڪو اينڪر آهي، اسان جون ڀينرون ڌيئرون ۽ معصوم ٻارڙيون آهن جيڪي عزت سان روزگار ڪمائڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتيون آهن، اوهان اهڙي طرح جي غلاظت کان ڊڄو، فيصل واوڊا چيو ته جڏهن اوهان ماڻهو کي جنهن تي زيادتي جا الزام هجن انهي کي اهڙي پوزيشن تي ويهاريندو ته باقي رهجي ڇا ويندو. مان مريم نواز جي سياست جو ڪڏهن به حامي نه رهيو آهيان پر جيڪڏهن ڪوبه انهي جي طرف يا منهنجي دشمن جي ماءُ ڀيڻ جي طرف اڳيان وڌندو ته پوءِ اسان ڏسنداسين ته هو ڪيئن اڳيان وڌي ٿو. ڳالهه هن وقت غيرت جي آهي ۽ حڪومت کي به قدم کڻڻ گهرجي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته حڪومت پنهنجي گهرو وزارت ڇا ڇولا وڪرو ڪرڻ جي لاءِ رکي آهي، هي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر ڪنهن جي لاءِ آهن، مان ته ميرٽ تي ڪم ڪندو آهيان، مان هن کي پتنگ جيان هيٺ کڻي ايندس، مان ڪليئر آهيان، هاڻ مان پاڪستان کي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنجڻ نه ڏيندس، چاهي مان اڪيلو ئي ڇو نه بيٺل هجان.