لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي آڪٽوبر ۾ آئيني ترميم ٻيهر آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهين ۾ عرفان صديقي چيو ته ايندڙ مهيني جي پهرين يا ٻئين هفتي ۾ آئيني ترميم ٻيهر آندي ويندي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪوبه احتجاج پرامن نه هوندو آهي. جمهوري احتجاج ڪندڙن جي سامهون رنڊڪون نه هونديون آهن. هنن هميشه عوام کي پريشان ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ به ڏسي وٺو، پي ٽي آءِ 25 مئي 2022 تي ڊي چوڪ ۾ ڪيترن وڻن کي ساڙي ڇڏيو هو. چيف جسٽس جي مقرري جي حوالي سان سوال تي(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته موجوده قانون موجب ئي جسٽس منصور علي شاهه ايندڙ چيف جسٽس هوندو.