حزب الله پنهنجي سربراهه حسن نصرالله جي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، جنگ جاري رکڻ جو اعلان
بيروت: (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي حملي کان پوءِ حزب الله پنهنجي سربراهه حسن نصرالله جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته اسرائيل جي خلاف جنگ جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن بيروت ۾ حزب الله جي مرڪزي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو جنهن جو بنيادي مقصد سيد حسن نصرالله کي نشانو بنائڻو هو. اسرائيلي فوج طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي جڏهن ته نصرالله جي ڌيءَ زينب نصرالله جي شهادت جي به باقاعده تصديق ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي فوج حزب الله جي ميزائل يونٽ سربراهه محمد علي اسماعيل ۽ نائب حسين احمد اسماعيل کي به شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پر انهن جي شهادتن جي اڃان تائين تصديق نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسرائيلي فوج آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪندي چيو ته حسن نصرالله هاڻ دنيا کي خوفزده نه ڪري سگهندو. ياد رهي ته حسن نصرالله کي نشانو بنائڻ جي لاءِ اسرائيلي جهازن گذريل ڏينهن بيروت ۾ 15 ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن سبب 6 عمارتون تباهه ۽ 18 ڄڻا شهيد ۽ 91 زخمي ٿي پيا هئا. اسرائيلي ميڊيا موجب حسن نصرالله بمباري جو شڪار عمارت جي زمين اندر 14هين منزل ۾ ترسيل هو. حسن نصرالله گذريل ٽن ڏهاڪن کان حزب الله جو سربراهه هو، ان جي شهادت کان پوءِ حزب الله پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي خلاف جنگ جنگ جاري رهندي.