ميرانشاهه: (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جو چارٽرڊ هيليڪاپٽر شيوه آئل فيلڊ جي ڀرسان اڏام ڀريندي ئي ٽيڪنيڪي مسئلي سبب ڪري تباهه ٿي ويو. ايم آءِ 8 هيليڪاپٽر ۾ 3 پرڏيهي روسي پائلٽس ۽ ڪريو سميت 14 مسافر سوار هئا. ذريعن موجب هيليڪاپٽر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي حادثي واري جڳهه تان سي ايم ايڇ تهل پهچايو ويو آهي ۽ تهل مان زخمين کي هيليڪاپٽر جي ذريعي منتقل ڪيو پيو وڃي. ذريعن ٻڌايو آهي ته حادثو انجڻ جي فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري جون شاهديون ناهن مليون. هيليڪاپٽر ۾ اڏام ڀريندي ئي ٽيڪنيڪي فالٽ ٿيو ايمرجنسي لينڊنگ ڪندي هيليڪاپٽر جو ٽيل روٽرز سان ٽڪرائجي ويو پر حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.