اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اڄ خطاب ڪندو ۽ نيويارڪ ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ط گڏيل قومن جي 79 هين اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، فلسطين، لبنان ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو ڪيس دنيا جي آڏو رکندو. اسلاموفوبيا ۽ موسمياتي تبديلين جو معاملو به اٿاريو ويندو، وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي پاڪستان جي نقطئه نظر کي اجاڳر ڪندو، شهباز شريف عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت ڪندو.