دادو: (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگين جي الزام هيٺ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنرI ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو کي عهدن تان هٽائي مٿن ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ترجمان ڪمشنر حيدرآباد جي رپورٽ موجب دادو ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ۾ مبينه بي قاعدگين جي الزام هيٺ 2 آفيسرن ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر-I دادو جواد علي لاڙڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو شاهنواز ميراڻي کي عهدن تان هٽايو ويو آهي ڪمشنر حيدرآباد جي سفارش تي ٻنهي آفيسرن کي فوري فارغ ڪيو ويو. رپورٽ موجب ٻنهي آفيسرن خانگي پارٽي ايم ايس لنڊ جي غير قانوني حمايت ڪئي ۽ دادو ۾ سکر آءِ بي اي ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽي لاءِ زمين الاٽمينٽ ۾ مبينه فراڊ ڪري زمين خانگي بلڊر کي الاٽ ڪئي وئي رپورٽ ۾ ٻنهي آفيسرن تي سنڌ حڪومت جي مفادن جي خلاف عمل ڪرڻ جا الزام آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ٻنھي آفيسرن خلاف انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.