My WordPress Blog

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قومي ڪانگريس جو اجلاس ٿي گذريو، ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا

0

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قومي ڪانگريس جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا آهن. قومي ڪانگريس جي اجلاس دوران  چونڊيل عهديدارن ۾ چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، وائيس چيئرمين نثار ڪيريو، جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري قادر چنا، فناس سيڪريٽري ڄام شوڪت ابڙو، انفارميشن سيڪريٽري امتياز سمون، رابطا سيڪريٽري ڊاڪٽر سومار مڱريو کي چونڊيو ويو. اجلاس ۾ سينٽرل ڪميٽي لاءِ به عهديدارن کي چونڊيو ويو جن ۾  گلزار سومرو، حيدر ملاح، گوتم چنا، عاشق سولنگي، اطهر شاهه، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، خير محمد مگسي، خدا بخش درس شامل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.