My WordPress Blog

ملڪ ۾ 25 سيپٽمبر کان هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي

0

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ)  موسميات کاتي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي طرفان نئين موسمياتي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 25 سيپٽمبر کان گرم ۽ گهميل هوائن جو سلسلو نار بنگال مان پاڪستان ۾ داخل ٿيندو، هوائن جو سلسلو مٿانهن علائقن مان داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسم جو حال ٻڌائيندڙن جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو 26 سيپٽمبر کان مٿانهن علائقن ۾ دخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ 26 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چترال، دير، سوات، ڪوهستان، بٽگرام، مانسهرا، ايبٽ آباد، پشاور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. 27 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين راولپنڊي، مري، گليات سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 26 کان 28 سيپٽمبر دوران پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.