My WordPress Blog

صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي اسماعيل ڏاهري حيدرآباد پوليس هٿان گرفتار

0

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي اسماعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي اسماعيل کي ڏاهري ڄامشورو ضلعي جي آمري ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اسماعيل ڏاهري کي پي اي ۽ گارڊ سميت گرفتار ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن ٿاڻي اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب جوابدار وٽان 5 ڪلو چرس، هڪ غيرقانوني ڪلاشنڪوف ۽ وي ايٽ گاڏي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدارن ۾ اڳوڻو صلاحڪار اسماعيل ڏاهري ۽ سندس گارڊ عنايت اوٺو شامل آهن. پوليس موجب ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو پنهنجي اسٽاف سان گڏ ڪامياب ڪارروائي ڪئي. آٽو ڀان روڊ ڀرسان ڳجهي اطلاع تي چيڪنگ دوران وي ايٽ نمبر 2345 ۾ سوار 2 ڄڻن کي چيڪ ڪيو ويو ۽ گاڏي جي تلاشي ورتي وئي، پوليس پاران تلاشي دوران 5 ڪلو کان وڌيڪ چرس، هڪ عدد بنا لائسنس جي ڪلاشنڪوف هٿ آئي، اي سيڪشن پوليس گاڏي ۾ سوار ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدار محمد اسماعيل ڏاهري ۽ ان جي ساٿي عنايت اوٺو پنهنجي شروعاتي بيان ۾ منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته گرفتار جوابدار محمد اسماعيل ڏاهري ۽ عنايت اوٺو جي خلاف انهي کان کان اڳ به ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. اي سيڪشن پوليس گرفتار  جوابدارن جي خلاف نارڪو ٽيڪس ايڪٽ ۽  آرمس ايڪٽ جي تحت 2 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. جڏهن ته وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته اسماعيل انهي کان پهريان به ڪيترائي ڀيرا پوليس ۽ رينجرز هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي، غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ اسماعيل ڏاهري کي دهشتگردي جي انت واري عدالت شهيد بينظير آباد مان 35 سال جي سزا به ٻڌائي وئي جيڪو بعد ۾ انهي ڪيس مان بري ٿي ويو هو. اليڪشن 2024 ۾ اسماعيل ڏاهري پنهنجي ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي اميدوار خلاف پي ايس 30 تي چونڊون وڙهڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچي ويو هو بعد ۾ آصف علي زرداري جي چوڻ تي  چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻي ويو هو. اسماعيل ڏاهري تي مختلف عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.