My WordPress Blog

سيوهڻ ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي، ڪيس داخل

0

سيوهڻ: (ويب ڊيسڪ) جي صدر پاڙي ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا طور ڏاڍائي ڪئي وئي. نينگري جي والد ٻڌايو ته نينگري کي امي نالي عورت گهرائي پاڙي جي مشهور ٺيڪيدار جي بنگلي تي وٺي وئي هئي. بنگلي ۾ ٽن ڄڻن شراب پياري نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. نينگري گهر پهچڻ تي بيهوش ٿي ڪري پئي جنهن کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ايس ايڇ او سيوهڻ جو چوڻ هو ته پوليس فوري طور ڪارروائي ڪري ٻن مردن هڪ سهولتڪار عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار فرار ٿي ويو آهي جلد ان کي گرفتار ڪيو ويندو، نينگري کي نيم بيهوشي حالت ۾ ميڊيڪل لاءِ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو آهي. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.