My WordPress Blog

جماعت اسلامي پيٽرول جي قيمت 50 روپيه في ليٽر گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پيٽرول جي قيمت  گهٽ ۾ گهٽ 50 روپيه في ليٽر گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي سنڌ پيٽرول قيمتن ۾ معمولي لاٿ کي ناڪافي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 روپيه في ليٽر گهٽتائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ روزاني جي شين جي قيمتن ۾ لاٿ آڻي پيٽرول قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مهانگي بجلي ۽ ظالماڻا ٽيڪسز  لاڳو ڪرڻ کان اڳ ئي عوام جو زنده رهڻ جنجال بڻايو ويو آهي. عالمي منڊين ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ۽ پاڪستان ۾ به چار ڀيرا معمولي گهٽتائي جي باوجود ان جو فائدو عوام کي نه پيو پهچايو وڃي. مقامي انتظامي مشينري به عوام جي داد رسي نه ڪري رهي آهي. جنهن جو جتي وس هلي رهيو آهي اهو عوام کي ڦري رهيو آهي. جڏهن پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي اضافو به ٿيندو  آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا ۽ واپاري قيمتن ۽ ڀاڙن کي آسمان تي کڻي ويندا آهن پر جڏهن قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته هي انهي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال ڪري مافياز کي لغام ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پهچائڻ جي لاءِ ڪرپشن فري ۽ نتيجا ڏيندڙ قدم کنيا وڃن ته جيئن مهانگائي ۾ گهٽتائي  ٿئي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.