پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پرچي تي آيل ماڻهو آهي، هو اهو سڀ ڪجهه بلاول ڀٽو جي چوڻ تي ڪري رهيو آهي. دٻاءُ وجهڻ تي روئڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. (اختيار عوام جو) پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان اختيار عوام ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون پورٽل جي ذريعي عوامي شڪايت داخل ڪرائي سگهو ٿا، پورٽل سان خبر پوندي ته اوهان جي ٽيڪس جي پئسن مان ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن اداري کي ڪيتريون شڪايتون مليون آهن، پورٽل تي اپلوڊ ٿينديون، عوام کي اختيار ملندا ته مسئلا حل ٿيندا، وڏي وزير چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي صرف اهميت چاهي ٿو، آئيني طور تي گورنر سياسي بيان نٿو ڏئي سگهي، ملڪ جي جمهوريت تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، هي فارم 47 تي آيل ماڻهو آهن، انهن کي گورنر بنائي ڇڏيو، گورنر مٿان دٻاءُ وجهون ٿا ته روئڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي لاءِ مون اسلام آباد جي گورنر هائوس جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي، هي چاهي ٿو ته مان پشاور ۾ به گورنر هائوس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، فيصل ڪنڊي کي گورنر هائوس راس نه پيو اچي. انهي کي هاڻ مان ڪنهن اينيڪسي ۾ اماڻيندس. علي امين گنڊا پور فيصل ڪريم ڪنڊي تي تنقيد ڪندي چيو ته خدا جا بنده آرام سان سٺي بهترين گورنر هائوس ۾ ويٺل هج، ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندو رهه. هڪ ٽڪ ٽاڪر پنجاب ۾ ويٺل آهي ۽ هڪ گورنر هائوس خيبرپختونخواهه ۾ ويٺل آهي. هن چيو ته افغان قونصليت وصاحت جاري ڪري ڇڏي آهي، افغان سفير جو موقف آهي ته تراني ۾ ميوزڪ هو، انهي لاءِ افغان سفارتڪار نه بيٺا.