ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ سڀاڻي کان گرمي پد ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر وڌ کان وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو، جڏهن ته سڀاڻي کان آسمان صاف ۽ اُس نڪرندي. موسميات کاتي موجب، اربع کان خميس جي وچ ڌاران گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريٽ تائين وڃي سگهي ٿو ان دوران شهر ۾ سامونڊي هوائون گُهلنديون رهنديون. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ۾ اڄ ڪٿي ڪٿي برسات ٿي سگهي ٿي.