اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ، جنهن ۾آئيني ترميمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب، اڳوڻي صدر عارف علوي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جَي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر عارف علوي جو پنهنجي رهائشگاهه تي آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا به موجود هو، ملاقات دوران اهم سياسي معاملن سيمت حڪومت طرفان ڄاڻايل آئيني ترميمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر عارف علوي آئيني ترميمن بابت موقف پيش ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان کي واڌيون ڏنيون. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان طرفان آئيني ترميمن واري معاملي تي عارف علوي کي خاص ٽاسڪ سونپيو ويو آهي.