اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جو ڪيس 18 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ رئوف حسن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، اداري پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس 18 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ڪازلسٽ جاري ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دليل ڏنا ويندا. ماضي ۾ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو.