اسلام آباد: (سومر: 16 سيپٽمبر 2024ع) دهشتگردي جي انت واري عدالت پارليامينٽ هائوس مان گرفتار تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي خلاف سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت پراسيڪيوٽر کان سوال ڪيو ته شير افضل مروت، احمد چٺه ۽ ٻين ايم اين ايز کان ڪجهه هٿ آيو آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته ڪجهه به هٿ نه آيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس ۾ سمورن پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي ضمانت 30-30 هزار روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي کين فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم اين ايز ۾ شير افضل مروت، شيخ وقاص، زين قريشي، احمد چٺه، عامر ڊوگر، يوسف خان ۽ نعيم علي شاهه شامل آهن جن کي پارليامينٽ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گرفتار اسيمبلي ميمبرن جو جسماني ريمانڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته اسپيڪر اياز صادق ايم اين ايز جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي انهن کي پارليامينٽ لاجز ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو هو.