اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي آئيني ترميم اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته امڪان آهي ته ٻنهي ايوانن جو اجلاس اڻچاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويندو. ترميم اچڻ ۾ هفتو 10 ڏينهن لڳي سگهن ٿا جيڪڏهن ترميم نه به آئي ته قيامت نه اچي ويندي. هن چيو ته آئيني ترميم ٿي ويندي انهي ۾ ڪابه رنڊڪ نظر نٿي اچي. مولانا فضل الرحمان وقت گهريو آهي، اهو تمام گهنين شين تي مطمئن هو، مسودي ۾ ڪجهه نڪتن تي اتفاق جو مسئلو آهي جيڪو هر ڌر جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيني مسودو ڪڏهن به پبلڪ ناهي ٿيندو، پهريان اهو ايوان ۾ پيش ٿيندو آهي، قانوني گهربل اڪثريت گهرندو آهي، اسان کي گيم نمبرز جو مسئلو نه آهي. ان حوالي سان سينيٽر پرويز رشيد چيو ته جمهوري عمل صبر گهرندو آهي پر انهي جو ڦل مٺو هوندو آهي، جمهوريت ۾ نمبر گيم ناهي ٿيندي، جمهوريت ۾ تعداد سان اتفاق راءِ هجڻ به ضروري هوندو آهي. ڪنهن جو هڪ به ووٽ هجي ته انهي جي به راءِ وٺن جمهوريت چورائيندو آهي. هن چيو ته ڪالهه اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪجهه مسئلن تي وڌيڪ ڳالهين جي ضرورت آهي، مشاورت جو عمل جاري آهي، اتفاق راءِ سان مسودو تيار ٿي ويندو ته عمل به ٿي ويندو. سياسي پارٽين جي موقف ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ جي لاءِ وقت گهريو آهي. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته 2006 ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ميان نوازشريف آئيني عدالت جو فيصلو ڪيو هو، 24 سالن کان عملدرآمد جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.