اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات آئيني ترميم تي نمبر گيم لاءِ مشاورت، ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ اسحاق ڊار قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏجي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سندس چئمبر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر به موجود هئا ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ مولانا فضل الرحمان سان گذريل رات ٿيل ملاقات تي اتحادي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار ۽ بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نمبر گيم تي مشاورت ڪئي