سپريم ڪورٽ جا پر ڪٽڻ لاءِ آئيني عدالت ٺاهڻ جو فيصلو: ميمبر کٽل، حڪومت عدليه بابت ترميمون آڻڻ ۾ ناڪام: اڄ وري اجلاس
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آئيني ترميم جو بل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، اڄ آچر ڏينهن سرڪاري موڪل هجڻ باوجود ٻنهي ايوانن جا اجلاس طلب ڪري ورتا، حڪومت لاءِ ٻه ڀاڱي ٽئي اڪثريت امتحان بڻجي ويو. سپريم ڪورٽ جا پر ڪٽڻ جون تياريون، نئين آئيني عدالت ٺاهڻ جو فيصلو، حڪومت چيف جسٽس مقرري ۽ ملازمت مدي بابت به آئيني ترميم تيار ڪري ورتي ڪالهه قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ٿيا پر حڪومت آئيني ترميم آڻڻ ۾ ناڪام رهي، آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽئي اڪثريت ضروري هوندي آهي، پر ڇا حڪومت آئيني ترميمن لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت حاصل ڪري سگهندي؟ قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت لاءِ 224 ووٽ گهربل آهن، حڪومتي اتحاد جا ايوان ۾ 211 ميمبرز آهن، اُنهن ۾ نواز ليگ جا 110، پيپلز پارٽي جا 68 ۽ متحده جا 22 ميمبرز شامل، آءِ پي پي ۽ ق ليگ جا 4-4 ايم اين ايز به حڪومتي اتحاد جو حصو آهن، مسلم ليگ ضياء ۽ بي اي پي جو هڪ هڪ ميمبر به حڪومتي اتحاد ۾ شامل آهي قومي اسيمبلي مان آئيني ترميمون منظور ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي وڌيڪ 13 ميمبرز جي حمايت گهربل هوندي، جي يو آءِ ف 8 ميمبرز جي حمايت وٺڻ کانپوءِ به حڪومت کي وڌيڪ 5 ووٽ گهربل هوندا، قومي اسيمبلي وانگر سينيٽ ۾ به حڪومت کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت ذريعن موجب، سينيٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرز جي حمايت گهربل آهي جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) جا پنج ووٽ حڪومت کي ملڻ جي صورت ۾ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي ويندي جي يو آءِ ( ف ) ووٽ لاءِ حمايت جو اعلان به ڪري تڏهن به سينيٽ ۾ حڪومت لاءِ هڪ ميمبر کٽل آهي، ڇو ته يوسف رضا گيلاني آئيني ترميمن ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهندو ۽ چيئرمين جي ايوان ۾ موجودگي جي صورت ۾ ڪو ٻيو چيئرمين جي ڪرسي تي نه ٿو ويهي سگهي. ذريعن موجب، يوسف رضا گيلاني جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ سبب حڪومت وٽ 63 ووٽ هوندا تنهنڪري سينيٽ ۾ هڪ ووٽ جي کوٽ کي ڪيئن پورو ڪيو ويندو ان حوالي سان حڪومت ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته حڪومت اجلاس جي صدارت ڪنهن اپوزيشن رڪن کان ڪرائڻ جي رسڪ به نٿي کڻي سگهي. حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي جا 4، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جا 3-3 ووٽ به آئيني ترميم جي حق ۾ ويندا، نيشنل پارٽي، مسلم ليگ (ق ) جو هڪ، هڪ ووٽ به آئيني ترميم جي حق ۾ هوندو، سينيٽ ۾ موجود 4 آزاد اميدوار به آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا. ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن اتحاد پي ٽي آءِ، سني اتحاد ڪائونسل، بي اين پي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي ميمبرن تي ٻڌل آهي، هن وقت سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جا 24، نون ليگ جا 19 ميمبر موجود آهن. هوڏانهن حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندڙ آئيني ترميمي بِل جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب، آئيني پئڪيج ۾ ميثاق جهموريت تحت آئيني عدالت جي قيام جو امڪان آهي جڏهن ته نئين چيف جسٽس سان گڏ نئين آئيني عدالت جي قيام جي تجويز به غور هيٺ آهي، آئيني عدالت لاءِ ڌار چيف جسٽس جي مقرريءَ جي تجويز غور هيٺ آهي ذريعن موجب، نئين عدالت جو مقصد آئيني ڪيسن ۽ عوامي مفاد وارن ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري اعليٰ عدالت تان ٻوجهه گهٽائڻ آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت جي جوڙجڪ وارو معاملو ڄاڻايل آئيني ترميمن جو حصو هوندو، عوامي مفاد جا ٻيا ڪيس موجودا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌا ويندا جڏهن ته آئيني عدالت پنج رڪني هئڻ جي تجويز آهي ذريعن موجب، آئيني عدالت ۾ آئين جي آرٽيڪل 184، 185 ۽ 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي، آئيني عدالت جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن ۽ وفاق جي ججن جي نمائندگي جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، آئيني عدالت ۾ صوبن طرفان آئين جي تشريح وارا معاملا به غور هيٺ اچي سگهندا ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مطالبي تي ميثاق جهموريت تحت آئيني عدالت جي جوڙجڪ کي آئيني پئڪيج جو حصو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته آئيني ترميمن ۾ سُپريم ڪورٽ جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 65 مان وڌائي 68 سال ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽس جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 62 مان وڌائي 65 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي، ترميم وسيلي ججز مقرري بابت طريقيڪار به تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن، جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪاميٽي کي مِلائي هڪ ڪرڻ جي تجويز ترميم جو حصو هوندي ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينارٽي جي موجوده بنياد کي تبديل ڪري چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نئون طريقيڪار آڻڻ جي تجويز تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن ججز جو پينل پيش ٿيندو جنهن مان ڪنهن هڪ کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو اختيار پارلياماني ڪاميٽي کي هوندو، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ترميم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ نڪري پيو، اتحادين وزيراعظم کي آئيني ترميم ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي ميمبرن کي اڄ اسلام آباد ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، وزيراعظم پاران ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن شرڪت ڪئي، وزيراعظم آئيني ترميم تي اعتماد ۾ ورتو، ذريعن موجب حڪومت آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميم جو فيصلو ڪيو آهي هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اڄ وفاقي ڪابينا جو اجلاس به طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ آئيني مسودي جي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ آئيني ترميمن ۾ حمايت گهري. جڏهن ته اپوزيشن به هٿ پير هڻڻ لڳي آهي، پي ٽي آءِ وفد به فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. آئيني ترميمن واري ماحول ۾ جي يو آءِ جي اهميت وڌي وئي آهي.