ٿر فائونڊيشن صحت مرڪزن ۾ هن وقت تائين 3 لک 13 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ٿي چڪو آھي : جي ايم ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري
اسلام ڪوٽ (رپورٽ: ڪرشن سنگھ ) اسلام ڪوٽ جي مقامي صحافين جو وفد ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ جي دوري تي پهتو، صحافين کي ڪنسلٽنٽ ڪلينڪس، ليبارٽري، ڊجيٽل ايڪسري، غذائيت بابت ڪلينڪ، اسپائروميٽري جي سهولت ۽ دوائن جي اسٽور جو تفصيلي معائنو ڪرايو ويو، ان کان علاوه صحافين کي اسپتال ۾ صاف پاڻي لاء قائم ٿيل آر او پلانٽ جو پڻ دورو ڪرايو ويو.جنرل مئنيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري صحافين کي بريفنگ ڏني ته هن وقت تائين ٿر فائونڊيشن جي پنج صحت جي مرڪزن م 3 لک 13 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ٿي چڪو آھي، جنهن ۾ ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ 96 هزار، ماروي ڪلينڪ ۾ 84 هزار، گوڙاڻو ڪلينڪ ۾ 70 هزار ۽ موبائل ڪلينڪ وسيلي 50 ڳوٺن جي 63 هزار مريضن کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آھي.فرحان انصاري ٻڌايو ته ٿر فائونڊيشن طرفان مقامي ماڻهن کي معياري ۽ مفت علاج فراهم ڪرڻ لاء سال 2016 ۾ ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ماروي ڪلينڪ کان شروعات ڪئي وئي، جتي ماءََ ۽ ٻار جي صحت مرڪز طور هن وقت تائين 84 هزار مريضن کي مفت معياري علاج ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. سال 2018 ۾ گوڙاڻو ايريا ۾ ڊسپينسري جي شروعات ٿي، جتي فيميل ميڊيڪل آفيسر ذريعي مفت علاج ۽ دوائن کان علاوه الٽراسائونڊ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪلينڪ ۾ هن وقت تائين 71 هزار مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون ويون.فرحان انصاري ٻڌايو ته مقامي ماڻهن کي بهتر، معياري ۽ مفت علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ لاء سال 2019 ۾ ٿر فائونڊيشن، اسلام ڪوٽ ۾ اسپتال جي شروعات ڪئي، اسپتال ۾ جديد ايڪسري مشين، مفت ٽيسٽون، الٽراسائونڊ، اسپائروميٽري ٽيسٽ، مفت دوائون ۽ هر اربع ڏهاڙي تي ماهر ڪنسلٽنٽ ڪلينڪس جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اسپتال ۾ هن وقت تائين 96 هزار مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو آھي. فرحان انصاري آگاهي ڏني ته موبائيل هيلٿ ڪلينڪ ذريعي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي 63 هزار مريضن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، مجموعي طور تي ٿر فائونڊيشن طرفان انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ذريعي هر مهيني ساڍا ست هزار کان وڌيڪ مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويندو آهي.ٿر فائونڊيشن جي اسسٽنٽ مينيجر هيلٿ فياض شيخ وفد کي ٻڌايو ته هفتيوار ڪنسلٽنٽ ڪلينڪ ۾ آرٿوپيڊڪس، جنرل سرجن، گائنوڪولاجسٽ، پيڊياٽريشن مريضن کي مفت چڪاس ۽ دوائون فراهم ڪندا آهن، ڪنهن مريض کي سرجيڪل پراسز جي ضرورت پوندي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ذريعي کين بدين منتقل ڪيو ويندو آهي. دوري کان اڳ اسلام ڪوٽ جي صحافين طرفان ٿر فائونڊيشن اسپتال ۾ ٻوٽا پڻ لڳايا ويا.