ممبئي: (ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين واپارين منجهان هڪ ڀارتي بزنس ٽائيڪون مُڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي سندس ويجهي دوست راڌيڪا مرچنٽ سان 12 جولاءِ تي شادي ٿي جنهن ۾ بالي ووڊ اداڪارن سميت سموري دنيا جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي هاڻ جوڙي کي شادي تي مهمانن طرفان ملندڙ تحفن جا دلچسپ تفصيل سامهون آيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جوڙي مهانگو ترين تحفو ڏنو آهي، شاهه رخ خان ۽ سندس گهرواري گوري خان طرفان اننت امباڻي کي فرانس ۾ 40 ڪروڙ ڀارتي رپين جو اپاٽمينٽ تحفي طور ڏنو ويو آهي. اداڪار سلمان خان طرفان اننت امباڻي ۽ راڌيڪا کي نئين اسپورٽس بائيڪ تحفي ۾ ڏني وئي، جنهن جي قيمت 15 ڪروڙڀارتي رُپيا ٻڌائي پئي وڃي سپر هٽ جوڙي ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا اننت امباڻي ۽ راڌيڪا کي هٿ سان تيار ڪيل 25 لک ماليت جي هڪ لوئي تحفي طور ڏني. بالي ووڊ جي خوبصورت ۽ ڪامياب جوڙي رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پاڊڪون ٻنهي کي رولز رائس تحفي ۾ ڏني آهي جنهن ماليت 20 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي. بچن خاندان جوڙي کي تحفي ۾ هڪ زمرد جو هار ڏنو جنهن جي ماليت 30 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل طرفان اننت امباڻي کي 19 لک ماليت جي سوني چين ڏني وئي آهياداڪار عاليا ڀٽ ۽ سندس مڙس رنبير ڪپور اننت ۽ راڌيڪا کي تحفي 9 ڪروڙ رپين جي ماليت جي هڪ مرسڊيز ڪار ڏني، اڪشي ڪمار جو بيمار هئڻ سبب شادي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو پر هن آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ جوڙي کي هڪ سونو قلم تحفي ۾ ڏنو جنهن جي ڪُل ماليت 60 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي مختلف ويب ميڊيا رپورٽس موجب، ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ کي هڪ پرائيويٽ جيٽ تحفي طور ڏنو آهي جنهن ماليت 300 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي.