ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندوهڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتن جا ڏکيا فيصلا به قبول ڪيا، هنن ڪڏهن به عدالتن جي توهين ناهي ڪئي صوبائي وزير چيو ته نئين بجيٽ اچڻ کانپوءِ هر شيءِ مهانگي ۽ معيشيت تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، هتي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان تي عمل ڪيو ويندو، ملڪ جو معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان جڙيل آهي.