ممبئي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي جي دوست اميش ڪمار انڪشاف ڪيو آهي ته شامي پاڪستان خلاف ميچ فڪسنگ جي الزامن کان پوءِ آپگهات جو سوچيو هوارتي فاسٽ بالر محمد شامي جي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ ڪيئي ڪاميابيون ۽ رڪارڊ سندس نالي رهيا پر سندس ذاتي زندگي به سدائين خبرن ۾ رهي آهي شامي جي ذاتي زندگيءَ ۾ سندس زال سان اختلاف، ڌيءَ کان پري رهڻ، ميچ فڪسنگ جا الزام، زال تي تشدد ۽ وري سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان نيڪالي مشڪل ترين لمحا رهيا آهن اهڙي مشڪل وقت بابت شامي جي دوست اميش ڪمار انڪشاف ڪيو آهي ته محمد شامي ان دوران خودڪشي جو سوچيو هيو هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ دوران اميش ڪمار چيو ته اِهو دور شامي لاءِ هڪ ڏکيو دور هو ۽ هو مون سان گڏ منهنجي گهر ۾ رهندو هو پر شامي تي جڏهن پاڪستان سان ميچ فڪسنگ جا الزام لڳا ۽ ان ئي رات سندس خلاف جاچ شروع ٿي ته هن مون کي چيو ته هو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿو ته پر ملڪ ڌوکو ڏيڻ جهڙو الزام برداشت نٿو ڪري سگهي اميش موجب، ان کانپوءِ هڪ ڏينهن اٽڪل چئين وڳي جڏهن پاڻي پيئڻ لاءِ اُٿيس ته شامي کي عمارت جي 19 هين ماڙ جي بالڪوني وٽ بيٺل ڏٺم مان سمجهي ويس ته شامي جي زندگيءَ جي اِها رات سڀ کان مشڪل رات هئي. هن چيو ته هڪ ڏينهن مون کي شامي جي فون آئي ته کيس ميچ فڪسنگ الزامن بابت جاچ ڪندڙ ڪميٽي طرفان ڪلين چٽ ملي وئي آهي ۽ ان ڏينهن شامي ايڏو خوش ٿيو ڄڻ ڪو ورلڊ ڪپ کٽي آيو هجي. ياد رهي ته محمد شامي جا 2018 ع ۾ جتي زال حسين جهان سان لاڳاپا خراب ٿيا اتي مٿس ميچ فڪسنگ جا الزام پڻ لڳايا ويا هئا جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سندس خلاف جاچ ڪئي وئي، جاچ دوران ڪرڪيٽر کي ان معاملي ۾ آجو قرار ڏنو ويو.