My WordPress Blog

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ لکين شاگردن کي مفت درسي ڪتاب ڏيڻ وارو عمل شروع

0

ڄامشورو: (ويب ڊيسڪ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميه سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ مفت درسي ڪتابن جي ورهاست وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ رفارم سپورٽ يونٽ طرفان ٻارڙن جي ڏنل انگن اکرن موجب پهرين درجي کان ڏهين درجي جي ٻارڙن لاءِ 21 ڪروڙ 43 لک 51 هزار 475 ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، ڇپايل ڪتابن مطابق سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيم ۾ پڙهندڙ ٻارڙن ۾ 44 لک 53 هزار 686 ڪتابن جا سيٽ ورهايا ويندا، تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص هدايتن تي ورهاست وارو عمل نئين تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مڪمل ڪيو ويندوچيئرمين عبدالعليم لاشاري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪتابن جي تڪڙي ورهاست لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته ڪتابن جي نقل ڇپائي کي روڪڻ لاءِ پهرين کان ٻارهين درجي جي ڪتابن تي هڪ قسم جو خاص اسٽيڪر پڻ لڳايو ويو آهي، جنهن جي لنڪ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ويب سائيٽ تي پڻ رکي وئي آهي، جنهن ذريعي هر ماڻهو ڪتابن تي لڳل اسٽيڪر ذريعي اصل ۽ نقل ڪتاب بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندو. عبدالعليم لاشاري موجب خانگي اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن، جنهن جي چڪاس لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪتابن جي کوٽ واري شڪايت تي هڪ ڏينهن اندر مسئلو حل ڪري رپورٽ پيش ڪنديون هن چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جو هر ٻار تعليم پرائي ۽ کين مفت درسي ڪتاب پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي، جيڪا ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ اڳ جيان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ سال درسي ڪتابن جي ورهاست لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ ناهي، درسي ڪتابن جي ڇپائي وارو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، مختلف چئلينجز باوجود ڪتابن جي ڇپائي وارو سلسلو آخري مرحلي ۾ آهي، اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اتي ڪتابن جي موجودگي وارو ڪم مڪمل ٿي ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.