My WordPress Blog

گيلاني خاندان چونڊ تاريخ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو

0

ملتان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گيلاني خاندان جي 4 ڀائرن اسيمبلي ميمبر بڻجي نئون رڪارڊ  جوڙي ورتو آهي. اين اي 148 ملتان جي ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد  علي قاسم گيلاني جي ڪامياب ٿيڻ سان گڏ ئي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ٻيو ۽ منفرد رڪارڊ به قائم ٿي ويو آهي. 3 ڀائر قومي اسيمبلي ۾ ۽ چوٿون ڀاءُ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻجي ويو آهي. سيد علي قاسم جا 2 ڀائر سيد علي موسيٰ گيلاني ۽ سيد عبدالقادر گيلاني قومي اسيمبلي جا ميمبر آهن جڏهن ته هڪ ڀاءُ سيد علي حيدر گيلان يپنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي. يوسف رضا گيلاني پاڻ سينيٽر ۽ ان جا چارئي پٽ قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر بڻجي ويا آهن. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني اين اي 143 جي سيٽ پنهنجي والد طرفان استعيفيٰ کان پوءِ خالي ٿيڻ تي ٻيهر حاصل ڪري ورتي آهي. پوئين اسيمبلي ۾ ساڳئي خاندان جو ڪوبه ماڻهو اسيمبلي جو ميمبر نه هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.