تهران: (ويب ڊيسڪ) هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايراني صدر ابراهيم رئيسي 2021 کان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر هو. 14 ڊسمبر 1960ع تي ايران جي شهر مشهد جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ ابراهيم رئيسي وڏو سياستدان، اسلامي قانوندان ۽ مصنف به هو. ابراهيم رئيسي مذهبي تعليم جي شروعات قُم جي مدرسي کان ڪئي ۽ 20 ورهين جي عمر ۾ ئي هو ايران جي عدالتي نظام جو حصو بڻجي ويو. ڪرچ شهر جو پراسيڪيوٽر نامزد ٿيڻ کان وٺي همادان ۽ پوءِ تهران جو پراسيڪيوٽر جنرل بڻيو. اتان کان جوڊيشل اٿارٽي جو نائب سربراهه ۽ پوءِ 2014 ۾ ايران جو پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ٿيو. 1988ع ۾ ابراهيم رئيسي انهي پراسيڪيوشن ڪميٽي جو حصو هو جنهن سموري ملڪ ۾ تمام گهڻن سياسي قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. 2017 جي صدارتي چونڊن ۾ کيس اعتدال پسند صدر حسن روحاني کان شڪست ملي. پر ٻيون ڀيرو 2021 ۾ هو 62.9 سيڪڙو ووٽن سان ايران جو اٺون صدر چونڊجي ويو. اقتدار جي هڪ سال کان پوءِ ئي ابراهيم رئيسي جي حڪومت کي 22 ورهين جي مهسا اميني جي فوت ٿيڻ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ وڳوڙن کي منهن ڏيڻو پيو. پرڏيهي پاليسي ۾ ابراهيم رئيسي علائقائي خودمختاري جو حامي سمجهيو ويندو هو. آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ هن افغانستان ۾ استحڪام جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته افغان سرحد جي چوڌاري داعش جهڙي ڪنهن به دهشتگرد گروپ کي پير ڄمائڻ نه ڏنو ويندو. ابراهيم رئيسي شام سان اسٽريٽجڪ رابطه مستحڪم ڪيا يمن ۾ سعودي ناڪابندي جي سخت مخالفت ڪئي. يوڪرين جنگ ۾ روس جي حمايت جو اعلان ڪيو. 2023 جي چين جي دوري ۾ صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن 20 معاهدا ڪيا ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ابراهيم رئيسي جي قيادت ۾ ايران ۽ سعودي عرب 2019 کان ختم ڪيل سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ورتا. هن غزه جنگ ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا جي مدد سان اسرائيل غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. گذريل مهيني اپريل ۾ صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو 3 ڏينهن جو دورو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل واپار 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو عهد ڪيو هو.