My WordPress Blog

سرڪاري نوڪريون ختم، گاڏين جي خريداري بند:پاڪستان آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽ ڪرڻ جو پلان پيش ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪفايت شعاري جو پلان پيش ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ پاليسي سطح جي ڳالهين جو دور ٿيو جنهن ۾ اهو منصوبو پيش ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت طرفان آءِ ايم ايف کي پيش ڪيل پلان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت هڪ سال ۾ 300 ارب روپين کان وڌيڪ جا خرچ گهٽ ڪندي. وفاقي وزارتن طرفان نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي رهندي هڪ سال کان خالي پيل گريڊ هڪ کان 16 جي سمورين پوسٽن کي ختم ڪيو ويندو وفاقي حڪومت صوبن جي ترقياتي منصوبن ۾ فنڊنگ نه ڪندي ۽ صرف اهم ۽ قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلا ڏيندي. انفراسٽرڪچر منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت ڪيا ويندا.. صوبائي حڪومتون پنهنجي ماتحت ايندڙ يونيورسٽين جي پاڻ فنڊنگ ڪنديون. ايندڙ مالي سال کان دفاع ۽ پوليس کان سواءِ نئين ڀرتين لاءِ رضاڪارانه پينشن اسڪيم تي به غور ڪيو پيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.