دوداپور: (ويب ڊيسڪ) دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي.ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري علي مراد حاجيجو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڳوٺ جاڙو خان حاجيجو جو رهواسي آهي. اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته واقعي جي ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.