پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير صوبي جي سمورين گرڊ اسٽيشنز جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته بجليءَ جو مسئلو 15 ڏينهن اندر حل نه ڪيو ويو ته بجلي آن آف ڪرڻ جو بٽڻ مان دٻائيندس، صوبي جي سمورين گرڊ اسٽيشنز کي ٽيڪ اوور ڪنداسين. پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ چور جو لفظ برداشت نه ڪندس، ڪنهن جي پيءُ کي طاقت نه آهي جو منهنجي صوبي ۾ ٽيڪس لڳائي سگهي، وفاقي سرڪار ڪي پي کي 3 سئو ارب گهٽ ڏنا آهن، هن سال جا 50 ارب روپيا ٻن مهينن ۾ گهرجن، وفاقي سرڪار کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو ته مون سان ڳالهيون ڪن. وڏي وزير چيو ته اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته واپڊا جي آفيس تي قبضو ڪري ڏيکاريندس، هڪ ٻئي پٺيان ليڪس اچي رهيون آهن، سڀني کي خبر آهي ته چور ڪير آهي.