اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست تي گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمر فاوق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ پنهنجي فيصلي ۾ عمران خان جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس هڪ ملين روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته ضمانت جي باوجود پي ٽي آءِ باني جيل ۾ رهندو، هو انهي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿي ويو آهي پر پي ٽي آءِ باني جي سائفر ڪيس ۽ عدت ڪيس ۾ اڃان تائين سزا معطل نه ٿي آهي.