چوھڙجمالي: (ويب ڊيسڪ) چوھڙ جمالي لڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ 16 ڪيسن ۾ گھربل ھڪ ڏوھاري مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سجاول پوليس ترجمان موجب رات دير سان قادر ڏنو شاھ گونگاڻي روڊ تي ڦر جي ارادي سان 3 ڦورو بيٺل ھيا. ڳجهي اطلاع تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي، فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري سخت زخمي ٿي پيو جڏھن تھ ٻن ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. فائرنگ ۾ زخمي ٿيل بدنام ڏوهاري علي بوبڪ کي سخت زخمي حالت ۾ علاج لاء رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي آندو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو جڏھن ته 2 جوابدار ضلع بدين واسي شبير منڌرو ۽ سجاول جو رھائشي غلام حسين منڌرو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيلن وٽان 3 عدد پسٽل ۽ گوليون پڻ ھٿ ڪيون ويون. مارجي ويل ڦورو تي چوري. ڦر. غيرقانوني هٿيار ۽ منشيات جا 16 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھيا.