اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته صرف الزامن سان ڪم نه هلندو، ثبوت ڏيڻا پوندا، پردن جي پٺيان ڳالهيون نه ڪيون وڃن، کلي ڳالهيون ڪريو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ٻٽي شهريت وارا عدالتن ۾ ويٺل آهن، اوهان لاءِ شراب حلال، اسان جي لاءِ حرام آهي. فيصل واوڊا چيو ته ٻڌايو وڃي ڪنهن عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪئي، 15 ڏينهن گذري ويا، مون خط ۾ تفصيل گهريا پر جواب نه آيو، جسٽس بابر ستار کي هڪ سال کان پوءِ ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن، آرٽيڪل 2 جي تحت ججز جي باري ۾ چيو ويو. ڪابه لالچ نه هجڻ گهرجي، ڪي دستاويز آهن اهي ڏنا وڃن، مداخلت جون شاهديون سامهون آڻيو، اسان اوهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته تاريخ جسٽس اطهر من الله کي ياد رکندي. سوال اهو آهي ته جج ٻٽي شهريت تي ڪيئن ويٺل آهن؟ پاڪستان سان تمام گهڻڻو مذاق ڪيو ويو آهي، اهي شڪ ۽ وسوسا هاڻ ختم ٿيڻ گهرجن. اميد ڪري رهيو آهيان ته جواب جلد ايندو ۽ اچڻ به گهرجي، اسان جواب وٺنداسين. هن چيو ته آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته بارڊر تي فوجي ۽ پوليس وارا پنهنجون جانيون قربان ڪندا. هر ڀيري انٽيليجنس ادارن جو نالو ورتو پيو وڃي. سپريم جوڊيشل ڪونسل کي انهي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي. فيصل واوڊا چيو ته اسان کي پاڪستان کي معاشي بحران کان بچائڻو آهي، ڪير اسان جي عزت احترام ڪندو ته اسان سندن ٻيڻي عزت ڪنداسين ڪو بدمعاشي ڪندو ته ڊبل بدمعاشي ڪري ڏيکارينداسين اسان جي ادارن جو مذاق اڏايو پيو وڃي جنهن ۾ سياستدان به شامل آهن، اهو سڀ ڪجهه هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مان ڪنهن جو به ترجمان نه آهيان، مان پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، سوشل ميڊيا تي جيڪا منفي مهم هلي رهي آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا.