My WordPress Blog

تنگواڻي ڀرسان اغوا ٿيل ٻن مزدورن جي تشدد واري وڊيو وائرل

0

تنگواڻي: (ويب ڊيسڪ)  تنگواڻي شھر ڀرسان 5 ڏينھن اڳ ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد بجاراڻي پيٽرول پمپ تان اغوا ٿيل مزدور محمد عباس ۽ محمد راشد پنجابي جي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل. جاري ٿيل وڊيو ۾ مغوين مٿان ڌاڙيل سخت تشدد ڪري رهيا آهن. تشدد جو شڪار ٻنھي  مفوين جو چوڻ آھي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو وڃي. اسان مير شبير علي بجاراڻي،  ميراشرف علي بجاراڻي، ايس ايڇ او تنگواڻي کي ھٿ ٻڌي مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي نه ته اسان کي ڌاڙيل ماري ڇڏيندا روز اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.