ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 8 پئسا گهٽتائي ٿي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 278 رپيا 12 پئسا تي بند ٿيو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 14 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 279 رپيا 25 پئسا جو ٿي ويو آهي.