لاڙڪاڻو:(ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد دودائي واري علائقي ۾ مسجد اندر پيش امام پاران طالب علم کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آهي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جڏهن ته پوليس پيش امام ياسين چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نينگر سان بدفعلي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي دوران مسجد جي پيش امام کي قمبر مان گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته مسجد جي پيش امام کي گرفتار ڪري نينگر بهاول چانڊيو جي پيء جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن طالب علم سان مسجد اندر بدفعلي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ملوث پيش امام کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.