اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هڪ مهيني جي لاءِ ڪيو ويو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي هوندو. قيمتن ۾ اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڏني هئي جنهن کان پوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 26 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.