لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن کي ڪجهه نه ملندو، ڪڻڪ جي خريداري سان پنجاب حڪومت جو تعلق نه آهي. ايف آءِ اي لاهور آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پنجاب حڪومت جو ڪڻڪ جي معاملي سان ڪوبه تعلق نه هو ۽ نه ئي آهي، پنجاب حڪومت پرڏيهي ملڪن مان نه هتي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪندي آهي. ڪڻڪ درآمد جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي آهي. هن چيو ته منهنجو ذاتي خيال آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪابه بدنيتي نه هئي، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن کي ڪجهه نه ملندو، ڪجهه ماڻهن جي خواهش ضرور آهي منهنجي خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، ڪنهن جي خواهش تي مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. محسن نقوي چيو ته مان ۽ منهنجي پوري ٽيم 12 کان 13 مهينا ڪم ڪيو، رشوت وٺڻ ۽ ڏيندڙ تي لعنت آهي، جيڪڏهن 10 سالن کان پوءِ به منهنجي خلاف ڪجهه نڪتو ته مان جوابده هوندس. گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪي پي پوليس جي تعريف نه ڪئي ته اها زيادتي ٿيندي.خيبرپختونخواهه جو آءِ جي ۽ پوليس ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. دهشتگرد ناڪام ٿيندا. سنڌ پوليس به ڪچي ۾ دليري سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڊي جي اي اين ايف چارج سنڀالي ورتو آهي، نارڪو ٽيڪس بابت تمام جلد سٺي رزلٽ ملندي. اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ منشيات فراهمي کي روڪڻ لاءِ مقابلو ڪنداسين. اووربلنگ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر محسن نقوي چيو ته هلندڙ مهيني ليسڪو ۾ ڪابه اوور بلنگ نه ٿي، ٻين ڊسڪوز ۾ به اوور بلنگ ۾ گهٽتائي آئي، 31 ڪروڙ يونٽ صارفين کي واپس ڪيا ڪيا ويا، اووربلنگ تي ايف آءِ اي مختصر وقت ۾ سٺو ڪم ڪيو. هن چيو ته مان ڪو جن نه آهيان جو آرڊر ڪندس ۽ مافيا ختم ٿي ويندي، پاسپورٽ آفيس جي ٻاهر جيڪو مافيا ويٺل هو اهو اوهان کي نظر نه ايندو، جيڪو مافيا پٺيان ويٺل آهي اهو به جلد ختم ٿي ويندو. جتي به ڊمانڊ وڌندي اتي پاسپورٽ آفيس جو وقت وڌائينداسين.