لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين(پي اي سي) جي لاءِ شير افضل مروت جي جڳهه نئين نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته شير افضل مروت کي هٽائڻ جي لاءِ عمر ايوب ۽ شبلي فراز سياسي ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ يا سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت جو نالو واپس وٺڻ جي لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. ذريعن موجب چيئرمين پي اي سي جي لاءِ شير افضل مروت جي حق ۾ اسد قيصر، شهريار آفريدي، شاندانه گلزار ۽ زلفي بخاري جا نالا سامهون آيا جڏهن ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز شير افضل مروت کي بنائڻ جي لاءِ وقاص اڪرم جو نالو سامهون آندو. ذريعن موجب چيئرمين پي اي سي جي لاءِ وقاص اڪرم جي نالي جي منظوري پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي ڏني. ذريعن ٻڌايو آهي ته سياسي ڪميٽي شير افضل مروت جو نالو واپس وٺڻ جي فيصلي سان پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آگاهه ڪندي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت جو نالو چيئرمين پي اي سي جي لاءِ تجويز ڪيو هو. 2 ڏينهن اڳ بيرسٽر گوهر علي پي ٽي آءِ باني طرفان شير افضل مروت جو نالو چيئرمين پي اي سي لاءِ تجويز ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي فيصلي بابت شير افضل مروت چيو آهي ته مون کي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نه گهرايو ويو، نه ئي وري مون کان ڪو مشورو ڪيو ويو. ان کان اڳ شير افضل مروت پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه ماڻهن عمران خان کي مون کي چيئرمين پي اي سي نه ٺاهڻ جو چيو هو پر عمران خان انهي سڀني تجويزن کي رد ڪندي منهنجو نالو ورتو.