حيدرآباد:(ويب ڊيسڪ) خانہ بدوش ھفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ مشهور شاعر سائينداد ساند کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنھن کي تاج جويو سميت مٺي مان خاص طور تي آيل مقررين مان ھيمن داس چنداڻي، دولترام کتري ڪريم فقير ۽ سندس ڌيء تحريم ساند ڳالھايو. پروگرام جي ڪاروائي امر سنڌو ھلائي، امر سنڌو چيو ته شاعرن جو وڇوڙو ڪونه ٿيندو آھي ان ڪري انھن کي الوداع نه چئبو آھي انھن کي، يادگيريون دھرائي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي، خانه بدوش جي روايت رھي آھي تہ انھن شاعرن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي جيڪي جسماني طور تي اسان ۾ موجود نه رھيا آھن. سائينداد ساند جي شاعري مٺي جي ڀٽن ۾ ۽ ٿر جي راڳين جي راڳ ۾ سدائين گونجندي رھندي . ھن جي شاعري ۾ ٿر به ھو ته سندس شاعري سندس جو آئينو پڻ ھئي جنھن م نراسائي، اڪيلائي، وڇوڙا پڻ نظر اچن ٿا. ھيمن داس چنداڻي چيو تہ سائين داد ساند ھڪ حساس شاعر ھجڻ سان گڏوگڏ ھڪ انتھائي سٺو استاد پڻ ھو جيتوڻيڪ سندس شروعاتي انتھائي غربت مان ٿي پر پاڻ محنت ڪئي ۽ مٺي ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿيو. ھيمن داس جو چوڻ ھو تہ مٺي م شاعري، ادب سان رغبت پيدا ڪرڻ ۾ مٺي ڪاليج جي استادن جو نالو اچي ٿو جنھن پھرين تاج جويو ۽ بعد ۾ سائينداد ساند پنھنجي شاگردن کي توڙي مٺي جي ادب دوست ماڻھن کي ادب ڏانھن راغب ڪيو. سندس چوڻ ھو تہ شاگردن جي علمي تربيت ۾ سندس وڏو ھٿ رھيو. جيتوڻيڪ پاڻ سنڌي جو استاد جو پر پنھنجي شاگردن کي سٺي انگريزي پڻ باقاعدي پڙھائيندو رھيو. ڪڏھن به غير حاضر نه رھيو بلڪه پاڻ ڪوشش ڪري ڪاليج مل۾ پھريان ڪلاس وٺندو ھو. ھيمن داس چيو تہ سائين داد حساس ھئڻ ڪري ڪيترا دفعه ڊپريشن ۾ پڻ رھيو. جنھن جو سبب به سندس پنھنجي ساٿين جا ڏکوئيندڙ رويا رھيا. ھو حقيقت ۾ مشھوري کان پري رھڻ چاھيندو ھو پوء به ھن ادبي حوالي سان وڏو سرڪل پيدا ڪيو. دولترام کتري جو چوڻ ھو تہ سائينداد ساند پورھيت گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھو پر پنھنجي اڻ ٿڪ محنت، ڪمٽمنٽ ۽ اورچائي ڪري مٺي ڪاليج جي پرنسپال جي عھدي تائين پڳو. پاڻ سٺو استاد پڻ ھو پر شاعري ۾ لاجواب ھو. سندس شاعري لڳ ڀگ ٿر جي ھر فنڪار ڳائي آھي ء سندس ڪيترائي گيت مشھور ٿيا. شاعري ۾ ھو غزل جو شاعر سمجھيو ويندو ھو جڏھن ته سندس گيت پڻ ھڻڻ جھڙا آھن. ھن چيو تہ مٺي ھميشه پنھنجي آرٽسٽن ء شاعرن جو قدر ڪندي کين مڃتا ڏني آھي صادق فقير جي وڇوڙي کان پوء سائينداد ساند کي به تاريخي الوداع چيو ويو جنھن م مٺي جا سڀئي راڳي رجب فقير، ڪريم فقير عباس فقير سندس گيت ڳائي کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ھو. تاج جويو سندس شاعري جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تہ سندس شاعري جا چار ڪتاب شايع ٿيا. سائينداد ساند جا ڇپيل ڪتاب ڳوڙھن ڳالھايو، دل جي تاريخ، سنڌ ڪروکيتر جيان ۽ خيالن جا پکي جي نالي سان شايع ٿيا. تاج جويو سندس آخري ڏينھن م پڻ گڏ رھيو. ھن چيو تہ سائين داد غزل جو ڀلوڙ شاعر ھو. ڪريم فقير سندس يادگيريون دھرائيندي سائينداد ساند جا غزل گائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ڪريم فقير سندس ڪلام ڪمپوز ڪيا جيڪي پوء ٿر جي لڳ ڀڳ ھر فنڪار ڳايا، ائين چئجي تہ غلط نه ٿيندو ڪريم فقير جي ڪمپوز ڪيل ڌنن ۽ سائينداد جي شاعري کي ٿر جي ھر فنڪار کي مشھوري ۽ مقبوليت بخشي. پروگرام ۾ مٺي جي ڀيشم ساماڻي پڻ مٿا لکيل تاثر پيش ڪيو جيڪو ھن 1992۾ سائينداد ساند سان ملهايل شام ۾ پڙھيو ھو ڀيشم پڻ سائينداد جي حوالي سان پنھنجون يادگيريون حاضرين سان ونڊيندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. پروگرام جي شروعات ۾ شريڪ ٿيندڙ مقررين سائينداد ساند جي تصوير اڏو ڀيٽا جا گل رکيا جڏھن ته سندس نياڻي تحريم ساند ڏيئو ٻاري سائينداد ساند جي نالي روشني ڪئي. پروگرام ۾ ڊاڪٽر عرفانہ ملاح، شھناز شيدي، ڊاڪٽر حسين مسرت، پروفيسر سيد زوار نقوي، ڊاڪٽر امداد چانڊيو ڊاڪٽر سومار منڱريو، ڊاڪٽر پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، پير عبيد راشدي، چيلا رام، ننگر پارڪر مان خصوصي طور پرگراام لاء آيل واگھو مل ميگھواڙ، ونود ڪمار چنداڻي (مٺي) چنداڻي، ڊاڪٽر اشوڪ ڏيواڻي(ڏيپلو) ڀيمراج سوٽھڙ ، کيپال بنارام، ناصر علي پنھور ،انور علي جعفر ڪنڀر (اسلام ڪوٽ) عبدالغفار سمون (اسلام ڪوٽ) مھتاب ساماڻي(مٺي), ڀيشم (مٺي), ديال ساماڻي(مٺي) ڊاڪٽر عباالدغفار جوڻيجو، گل سنڌي، تيجو مل (ڇاڇرو) توحيد احمد (سکر) اياز لطيف پنھور (بدين), سلطان علي ميمڻ، علي حسن نھڙي(عمرڪوٽ) مير اعتزاز خليل(عمرڪوٽ), وشاال ٿري، ظھير احمد، انو سولنگي، عباس علي، امتياز نور ڪنڀر(مٺي) علي نواز سومرو، ڏامرو مل ميگھواڙ(سامارو) ا.ور ساگر، عبدالله سيٺار، طاھرہ ڪوريجو، تحريم ساند،فھميدہ جروار، وحيد چانڊيو، پرديپ سنڌو، پرتاب رائي ميگھواڙ،منيش رڻملاڻي(مٺي) ونود ڪمار (مٺي) آسن داس (اسلام ڪوٽ) ياسين منڱريو جن شرڪت ڪئي. پروگرام جي آخر م ڪريم فقير پنھنجي ڪمپوز ڪيل ڌنن تي سائينداد ساند جي شاعري گائي داد پڻ وصول ڪيو.