غزه: (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران رفع تي حملا ڪري وڌيڪ 22 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته عام شهرين کي رفع شهر خالي ڪرڻ جا حڪم به ڏنا ويا آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج طرفان 5 کان وڌيڪ رهائشي گهرن کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اسرائيل طرفان رفع تي اهي حملا فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي ويڙهاڪن جي حملي ۾ 3 اسرائيلي فوجين جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڪيا ويا. ٻئي طرف عرب ميڊيا چيو آهي ته اسرائيلي فوج رفع ۾ پناهه وٺندڙ عام شهرين کي فوري طور تي علائقا ڇڏڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ رفع شهر مان شهرين لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن کان ڊنل 15 لک فلسطيني شهرين رفع ۾ پناهه ورتي آهي. اسرائيلي فوج طرفان چيو ويو آهي ته رفع ۾ موجود ماڻهو خان يونس شهر ۽ المواسي ٽائون ۾ موجود اسرائيلي فوج طرفان ٺاهيل عارضي ڪيمپس ۾ هليا وڃن. اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته اسان امڪاني زميني آپريشن کان اڳ رفع مان هڪ لک ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهيون. ياد رهي ته عالمي برادري اڳ ئي اسرائيل کي رفع ۾ زميني آپريشن جي صورت ۾ تباهي آڻيندڙ نتيجن کان خبردار ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي اسرائيل قطر جي خابرو اداري الجزيره ٽي وي کي به بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسرائيلي اختيارين الجزيره ٽي وي جي نشريات کي روڪڻ کان پوءِ ان جو سامان ضبط ڪري ورتو ۽ ويب سائيٽ به بلاڪ ڪري ڇڏي آهي.