ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جاري رهندي . چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ تيز برسات جو ڪوبه امڪان ناهي پر هلڪي برسات اڄ رات تائين جاري رهندي. سردار سرفراز جو چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به اڄ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو. هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ ٽن ڏينهن تائين برسات رهندي. چيف ميٽرولاجسٽ چيو ته ڪي پي ۾ به برسات جاري آهي، جڏهن ته ڪي پي بعد برسات جو سلسلو پنجاب ۾ شروع ٿي ويندو.