خيرپور: (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان 15 ڍور مري ويا. واقعو خيرپور جي علائقي نارا ۾ پيش آيو، جتي بدقسمتي سان ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 ڍور مري ويا. متاثرن جو چوڻ آهي ته بجلي جون تارون زمين ڀرسان لڳل آهن، جنهن سبب حادثو پيش آيو ۽ وڏو مالي نقصان ٿيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.